عاجز اڄڻ

عاجز اڄڻ

عاجز اڄڻ

عاجز اڄڻ: مشهور شاعرعاجز اڄڻ‘ جو اصل نالو شير محمد ولد جمع خان اڄڻ آهي. سندس جنم 2 مارچ 1947ع تي کپري ضلعي سانگهڙ ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم ۽ سنڌي فائنل گورنمينٽ پرائمري اسڪول فضل ڀنڀرو مان. مئٽرڪ 1966ع ۾ ۽ انٽر 1968ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپور خاص مان، بي. اي 1980ع ۾ ۽ ايم. اي سنڌي ادب ۾ 1984ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سانگهڙ مان ڪاليج سائيڊ کان ڪئي. ايل. ايل. بي 1988ع ۾ سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ڪيائين. 1967ع ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو، جنهن بعد 1987ع ۾ ايڇ. ايس. ٽي مقرر ٿيو. هي تعليم کاتي ۾ سپروائيزر ۽ ڪجهه عرصو سيڪنڊري ايجوڪيشن پروجيڪٽ آفيسر ٿي رهيو ۽ 1997ع ۾ رٽائر ٿيو. عاجز اڄڻ کي ننڍپڻ کان ئي ادب سان لڳاءُ هو. سندس شاعري مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندي رهي ٿي. سندس گهڻو تڻو ڪلام ڳايل آهي، سندس ڪيترائي ڪلام انور حسين وسطڙي، ڦوٽي زرداري، وحيد علي، قمر سومري ۽ ٻين فنڪارن ڳايا آهن. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ‘عشق آڏيري ول’ 2012ع ۾ ‘المهراڻ فائونڊيشن سانگهڙ’ طرفان شايع ٿيل آهي. هي علم عروض جو ڄاڻو ۽ فن جو پختو شاعر هو. هن 9 اپريل 2013ع تي 66 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه اباڻي قبرستان، لڳ اولياءَ بهرام بري، سانگهڙ ۾ واقع آهي.


لفظ عاجز اڄڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.03.02  عيسوي

عاجز اڄڻ جو جنم 2 مارچ 1947ع تي کپري ضلعي سانگهڙ ۾ ٿيو.


2013.04.09  عيسوي

عاجز اڄڻ 9 اپريل 2013ع تي 66 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه اباڻي قبرستان، لڳ اولياءَ بهرام بري، سانگهڙ ۾ واقع آهي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امر کهاوڙ
پورن هولا رام تيجڀانداس
انعام عباسي
زين العابدين شاهه زينل پير
مراد علي ڪاظم شيخ
رخسانه رخ سومرو
جويو خاڪي
پلي خليفو محمد امين درس
اويڙ پلي
پنهور مير حاجن مير
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون